چارو پرسو گدواڻي

چارو پرسو گدواڻي: سنڌ هند جي نامور ماهر لسانيات، لوڪ ادب جي ماهر ۽ اديب سرڳواسي ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي نياڻي، چارو گدواڻي، 21 آگسٽ 1970ع تـي ڀـارتـي شـهـر پـوني ۾ جنم ورتو. هن جي سموري تعليم پوني ۾ ٿي. هن انگريزي ادب ۾ ’رابندر ناٿ ٽئگور جي ادبي تخليقن ۾ سندس ٻالڪپڻي جو نقش‘ (Depiction of Childhood in the works of Rabindernath Tagore) عـنـوان تـي تحـقـيـقـي مـقـالـو لـکـي، پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري (مئي 2004ع ۾) حاصل ڪئي آهي.
ڊاڪٽر چارو گدواڻي، آر. ڪي تلريجا ڪاليج الهاس نگر ۾ انگريزي ادب پڙهائيندي آهي. هن وقت هوءَ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جي سنڌي لوڪ گيتن جي هندي ترجمي کي انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. هوءَ سنڌي صوفي شاعريءَ جو انتخاب (anthology) به ترتيب ڏئي رهي آهي. هوءَ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ قومي ۽ عالمي ڪانفرنسن دوران سنڌ ۽ سنڌي جاتيءَ جي سڃاڻپ واري مسئلي کي ٻين قومن آڏو مؤثر نموني پيش ڪندي رهي آهي. چارو گدواڻيءَ هن وقت ’پرسو گدواڻي سينٽر آف سنڌي اسٽڊيز‘ جي صلاحڪار بورڊ جي ميمبر آهي. هن جي سهڪار سان، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سندس والد ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو ڪتاب ’سنڌي لوڪ گيت: ٻوليءَ جي اوسر‘، 2010 ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.08.21  عيسوي

چارو گدواڻي، 21 آگسٽ 1970ع تـي ڀـارتـي شـهـر پـوني ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسرار لغاري
سنهڙو سائين
پروانو سيوهاڻي
طيار
ايئرمارشل محمد عظيم دائودپوٽو
آڍو خان جتوئي
پلي عزيز
سيد ميران محمد شاهه مير مهجور ٽکڙائي
نکل آڏواڻي
زاهد علي عباسي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون